راشد آباد

راشد آباد

راشد آباد

راشد آباد: هيءُ شهر حيدرآباد- ميرپورخاص روڊ تي ٽنڊي الهيار جي ويجهو واقع آهي. 100 ايڪڙن تي زرخيز زمين تي مشتمل هن شهر جو بنياد راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن (RMWO) طرفان رکيو ويو، جيڪا فلائيٽ ليفٽيننٽ راشد احمد خان جي ياد ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪو هڪ هوائي حادثي ۾ 13 ڊسمبر 1997ع ۾ گذاري ويو هو. هن شهر جو بنيادي پٿر سنڌ جي اڳوڻي گورنر، ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر 13 ڊسمبر 1998ع تي رکيو. هي شهر هن ائسوسيئيشن جو هڪ پائلٽ پراجيڪٽ آهي. هن شهر ۾ جديد دؤر جي تعميراتي منصوبن هيٺ آسائش وارا ۽ دلفريب رهائشي گھر، اسڪول، صحت جي اصولن ۽ سهولتن تي آڌاريل اسپتال (جنهن ۾ غريب ماڻهن جو علاج مفت ڪيو ويندو آهي)، خوبصورت مسجد، تربيتي پروگرامن لاءِ قائم سکيا جو ادارو، خوبصورت وندر لاءِ ٺاهيل مصنوعي ڍنڍ ۽ ٻيون جديد سهوليتون ميسر آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن شهر کي ’خوابن جو شهر‘ (City of Dreams) ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. هن شهر ۾ سرگوڌين اسپرٽ ٽرسٽ (SST) پبلڪ اسڪول ۽ يعقوب خواجه (YK) اڪيڊمي اسڪول قائم آهن، اڪيڊميءَ کي ڪاليج تائين وڌائڻ جو پروگرام آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو